قاهره ۾ آر-4 پرڏيهي وزيرن جي ملاقات، علائقائي صورتحال، گڏيل تعاون جي ترجيحي علائقن تي خيالن جي ڏي وٺ

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


مصر جي گادي واري شهر قاهره ۾ پرڏيهي وزيرن جو آر-4 اجلاس محدود نشستن سان شروع ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان، مصر، سعودي عرب ۽ ترڪي جي پرڏيهي وزيرن شرڪت ڪئي.

ملاقات دوران علائقائي صورتحال، اسلام آباد ايم او يو تي عملدرآمد ۽ گڏيل تعاون جي ترجيحي شعبن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

پرڏيهي آفيس طرفان آچر تي جاري ڪيل بيان موجب ملاقات دوران پرڏيهي وزيرن گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڳالهين، سفارتڪاري ۽ علائقائي قيادت جي اصولن تي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان، سعودي عرب، ترڪي ۽ مصر هڪ وڌيڪ پرامن، مستحڪم ۽ هڪٻئي سان ڳنڍيل خطي جي تعمير لاءِ پنهنجو تعاون مضبوط ڪري رهيا آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment