وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ موسم جي خرابي سبب فلائيٽ آپريشن بُري طرح متاثر ٿيو.
ذريعن موجب اڄ سڄي ملڪ ۾ 45 اڏامون منسوخ ۽ 125 اڏامون دير جو شڪار ٿيون، جڏهن ته 2 پروازن کي متبادل ايئرپورٽس تي لينڊ ڪرڻو پيو.
ڪراچي کان دبئي، شارجه، جده، استنبول ۽ ابوظهبي جون 23 اڏامون دير جو شڪار ٿيون، جڏهن ته دبئي کان ڪراچي ويندڙ 2 اڏامون اسلام آباد ڏانهن ڦيرايون ويون.
اسلام آباد ۾ شارجه، جده، ڪابل، بحرين، مانچسٽر ۽ لنڊن جون 41 اڏامون دير جو شڪار ٿي ويون، جڏهن ته رات جي وقت گجگوڙ ۽ ڏينهن جي ڪوهيڙي سبب فلائيٽ آپريشن متاثر ٿيو.
لاهور ۾ برسات سبب دبئي، شارجه، ابوظهبي، دمام ۽ مسقط جون 15 اڏامون متاثر ٿيون، جڏهن ته پشاور ايئرپورٽ تي طوفان جي الرٽ سبب 7 اڏامون ملتوي ڪيون ويون.
ٻين شهرن ۾ به صورتحال متاثر ٿي، ملتان ۾ 11، سيالڪوٽ ۾ 13، جڏهن ته فيصل آباد ۽ ڪوئيٽا ۾ 2، 2 اڏامون دير جو شڪار ٿيون.


