جيڪڏهن سعودي بندرگاهن کي بلاڪ ڪيو وڃي، اهي ڄاڻن ٿا ته ڪيئن بندوبست ڪن. حوثين کي ٽرمپ جي خبرداري

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي حمايت يافته يمني حوثي گروپ کي سخت وارننگ ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن حوثي سعودي عرب جي بندرگاهن کي بلاڪ ڪرڻ جي ڌمڪي تي عمل ڪيو ته آمريڪا فوري ۽ فيصلائتي ڪارروائي ڪندو.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آمريڪي صدر اهڙن خيالن جو اظهار پنهنجي لبناني هم منصب جوزف عون سان وائيٽ هائوس ۾ ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس بريفنگ ۾ ڪيو.

صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن حوثي ريڊ سمنڊ يا سعودي بندرگاهن ۾ شپنگ کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا ته آمريڪا ان صورتحال کي منهن ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو.

هن چيو ته جيڪڏهن اهڙو ڪجهه ٿيو ته ان جو بندوبست ڪنداسين. اسان اڳ به حوثي باغين خلاف ڪارروائي ڪئي آهي ۽ ان کان پوءِ اسان کي انهن سان گهڻي وقت تائين ڪو به مسئلو ناهي رهيو.

تازي ايران جنگ جو حوالو ڏيندي صدر ٽرمينل چيو ته ايران سان جاري ويڙهه دوران به حوثين اسان جي خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي.

صدر ٽرمپ ريڊ سمنڊ ۾ امڪاني رڪاوٽن بابت خدشن کي رد ڪندي چيو ته في الحال حوثي باغين سامونڊي رستن کي بند نه ڪيو آهي ۽ آمريڪا کي ان حوالي سان ڪو وڏو مسئلو ناهي.

هن پنهنجي گفتگو ۾ 2025ع ۾ حوثي باغين خلاف آمريڪي هوائي حملي جو به ذڪر ڪيو، جيڪو اٽڪل ٻن مهينن تائين هليو. ان مهم کان پوءِ جنگبندي لاڳو ڪئي وئي ۽ ان کانپوءِ حوثي باغين جون سرگرميون نمايان طور تي گهٽجي ويون.

ياد رهي ته حوثي گروپ سعودي عرب جي خلاف بحري بندش جو اعلان ڪندي عالمي شپنگ ڪمپنين کي خبردار ڪيو هو ته هو سعودي بندرگاهن تي سامان لوڊ يا ان لوڊ نه ڪن ٻي صورت ۾ سندن جهازن کي نشانو بڻائي سگهجي ٿو.

خطري جي پٺيان، ڪجهه آئل ٽينڪرز جيڪي سعودي خام تيل کڻندا هئا انهن جو رستو بحر احمر ۾ ڦيرايو، عالمي توانائي جي فراهمي ۽ عالمي واپار بابت خدشات وڌائي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment