آمريڪي رياست ڊيلاس ۾ رهائشي عمارت ۾ خوفناڪ ڌماڪو، هڪ ٻار سميت 3 ڄڻا مارجي ويا

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


آمريڪي رياست ٽيڪساس جي شهر ڊيلاس ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب هڪ رهائشي عمارت ۾ خوفناڪ باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻار سميت 3 ڄڻا سڙي فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب واقعو ڊيلاس جي شهر اوڪ ڪلف ۾ پيش آيو، جتي هڪ اپارٽمنٽ بلڊنگ ۾ قدرتي گئس جي ڌماڪي سبب سموري عمارت سڙي رک ٿي وئي. اختيارين موجب مارجي ويلن ۾ ٻه عورتون ۽ هڪ ٻار به شامل آهي.

ڊيلاس فائر ريسڪيو اهلڪارن جو چوڻ آهي ته انهن کي رات 12:45 منٽن تي گئس جي لڪير جي رپورٽ ملي، پر هنگامي عملدارن جي پهچڻ کان اڳ عمارت باهه ۾ پکڙيل هئي.

رپورٽن مطابق ڌماڪو ايترو ته زوردار هو جو عمارت جو وڏو حصو ملبي جو ڍير بڻجي ويو، جڏهن ته ريسڪيو اهلڪار ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ملبي هيٺان دٻيل ماڻهن کي ڳولڻ ۾ مصروف رهيا. ريسڪيو آپريشن ۾ ڊرونز ۽ اسپيشل سرچ ٽيمون پڻ استعمال ڪيون ويون.

اختيارين موجب عمارت ۾ لڳ ڀڳ 23 ماڻهو رهائش پذير هئا، جن مان 12 ماڻهن جو پتو لڳايو ويو آهي، جڏهن ته ٻين ماڻهن بابت جاچ جاري آهي.

آمريڪي براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن موجب، ابتدائي جاچ ۾ اشارو ڪيو ويو آهي ته عمارت جي ڀرسان ڪم ڪندڙ ڪانٽريڪٽر شايد گئس لائين کي نقصان پهچايو جنهن سبب ڌماڪو ٿيو.

گئس ڪمپني تصديق ڪئي ته تعميراتي ڪم دوران قدرتي گئس پائيپ لائين متاثر ٿي، جنهن بعد علائقي کي گئس جي فراهمي فوري طور بند ڪئي وئي.

ٻئي طرف نيشنل ٽرانسپورٽيشن سيفٽي بورڊ واقعي جي جاچ لاءِ خاص ٽيم موڪلي ڇڏي آهي جڏهن ته اختيارين واقعي جي مڪمل جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment