خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمد سهيل آفريدي جي صدارت هيٺ پختونخواهه هائوس اسلام آباد ۾ پارلياماني پارٽي جو هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ خيبرپختونخواهه جي آئيني، مالي ۽ سياسي حقن جي تحفظ لاءِ هر محاذ تي آخري حد تائين وڃڻ جي عزم کي ورجايو ويو.
پارلياماني پارٽي جي هنگامي اجلاس ۾ وفاق خلاف مضبوط سياسي ۽ قانوني حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته ڪميٽي بجيٽ بابت آئيني ۽ قانوني معاملن جو جائزو وٺڻ لاءِ قانوني ماهرن تي ٻڌل خاص ٽيم جوڙي ڇڏي.
قانوني ماهرن جي خاص ٽيم عمران خان سان ملاقات نه ٿيڻ جي صورت ۾ صوبائي بجيٽ بابت سمورن آئيني ۽ قانوني آپشنز جو جائزو وٺندي ۽ بجيٽ بابت ممڪن صورتحال ۽ صوبي جي آئيني حقن جي تحفظ لاءِ قانوني ايڪشن پلان تيار ڪندي.
پارلياماني ڪميٽي فيصلو ڪيو ته خيبرپختونخواهه جي بجيٽ کي مارڻ جي ڪوشش قبول نه ڪئي ويندي، خيبرپختونخواهه جي ترقياتي فنڊن ۾ وفاق جو ڪو به فيصلو عمران خان جي مشاورت کانسواءِ قبول نه ڪيو ويندو، وفاقي حڪومت کي سخت سياسي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پوندو، عوامي مينڊيٽ سان خيانت ڪندڙن کي هر فورم تي بي نقاب ڪيو ويندو.
خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير چيو آهي ته سال 2026-27 خيبرپختونخواهه ۾ ترقي، امن ۽ عوامي خوشحالي جو سال هوندو، سمورن رڪاوٽن باوجود صوبي کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪيو ويندو، عوامي مفادن ۽ ترقياتي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي مالي سال 27-2026 جي بجيٽ ۾ اضافي بجيٽ نه رکي ويندي.
پارلياماني پارٽي اسلام آباد انتظاميا ۽ پوليس پاران پرامن احتجاج کي روڪڻ لاءِ طاقت جي وحشياڻي استعمال ۽ فاشسٽ رويي جي گڏيل مذمت ڪندي چيو ته پرامن احتجاج ڪندڙ عوامي نمائندن تي بدترين لاٺي چارج جمهوري قدرن تي حملو ۽ رياستي جبر جو بدترين مثال آهي.


