نيشنل ڊريجنگ اينڊ مئرين سروسز (NDMS) ۽ پورٽ قاسم جي وچ ۾ ڊريجنگ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون.
اين ايل سي هيڊڪوارٽر ۾ منعقد تقريب جو مهمان خاص سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير محمد جنيد انور چوڌري هو، تقريب ۾ پورٽ قاسم، ڪراچي پورٽ، گوادر پورٽ جي اعليٰ عملدارن ۽ اين ڊي ايم ايس بورڊ جي ميمبرن شرڪت ڪئي.
پورٽ قاسم جي ڊريجنگ منصوبي کي پورٽ قاسم جي توسيع ۽ سامونڊي رستن جي بهتري لاءِ اهم قرار ڏنو پيو وڃي، اين ڊي ايم ايس ذريعي پورٽ قاسم جي ڊريجنگ سان پرڏيهي ڪمپنين تي انحصار گهٽ ٿيندو ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جي بچت ٿيندي. ڊريجنگ منصوبي سان وڏن جهازن جي ٽريفڪ ۾ اضافو ٿيندو ۽ پورٽ قاسم جي گنجائش ۾ اضافو ٿيندو.
ان موقعي تي وزيراعظم جنيد انور چوڌري چيو ته نيشنل ڊريجنگ ڪمپني جو قيام پاڪستان لاءِ فخر جو باعث آهي. ڊريجنگ پروجيڪٽ پاڪستان ۾ علائقائي ۽ بين الاقوامي واپار جي فروغ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.


