ايف بي آر هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام، روينيو شارٽ فال 683 ارب تائين پهچي ويو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) روينيو جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ هلندڙ مالي سال 2025-26 جي پهرين 10 مهينن (جولاءِ-اپريل) دوران عبوري روينيو شارٽ فال 683 ارب رپين تائين پهچي ويو. ذريعن موجب مالي سال 26-2025 جي پهرين 10 مهينن دوران ايف بي آر کي روينيو گڏ ڪرڻ ۾ وڏي گهٽتائي جو سامنا آهي ۽ عبوري انگن اکرن موجب ان عرصي دوران 10 هزار 263 ارب رپيا گڏ ڪيا ويا. عبوري انگن اکرن موجب ايف بي آءِ جي روينيو 10 هزار 946 ارب رپين جي نظر ثاني ٿيل هدف کان 683 ارب رپيا گهٽ آهي ۽ اپريل 2026ع دوران آمدني جي وصولي به هدف کان گهٽ رهي. ماهوار روينيو جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته اپريل ۾ ايف بي آر 956 ارب رپيا گڏ ڪيا جڏهن ته ماهوار هدف 1029 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو هو، اهڙي ريت هن مهيني 73 ارب رپين جو شارٽ فال رڪارڊ ڪيو ويو. اختيارين موجب اپريل جي آمدني انڪم ٽيڪس جي مد ۾ 446 ارب رپيا، سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 320 ارب رپيا، فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي (ايف اي ڊي) جي مد ۾ 65 ارب رپيا ۽ ڪسٽم ڊيوٽي جي مد ۾ 125 ارب رپيا هئي. ياد رهي ته حڪومت مالي سال 26-2025ع لاءِ ايف بي آر جو ٽيڪس ٽارگيٽ 14 هزار 307 ارب رپين مان گهٽائي 13 هزار 979 ارب رپيا ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ مجموعي طور تي 328 ارب رپين جي گهٽتائي ٿي آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment