ملڪ ۾ اٽي جي بحران ۽ اگهن ۾ واڌ سبب 20 ڪلو ٿيلهي جو اگهه 2800 رپين جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.
خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب شماريات کاتي پنهنجي تازي دستاويزن ۾ چيو آهي ته ڪراچي جا شهري مهانگو اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن، جتي 20 ڪلو جو ٿيلهو 2800 رپين ۾ ملي ٿو.
ساڳي ريت پشاور ۾ 2750 رپيا، اسلام آباد ۾ 2733 رپيا ۽ راولپنڊي ۾ 2707 رپيا ملن ٿا.
ان کان علاوه ڪوئيٽا ۽ بنون ۾ اٽي جو اگهه 2700 رپين تائين پهچي ويو آهي. ٻين شهرن جي صورتحال کي ڏسندي حيدرآباد ۾ 20 ڪلو ٿيلهي جو اگهه 2600 رپيا، خضدار ۽ لاڙڪاڻي ۾ 2400 رپيا، فيصل آباد ۾ 2350 رپيا ۽ گوجرانوالا ۾ 2333 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن ملتان ۽ لاهور ۾ به اٽي جي اگهن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. دستاويزن موجب ملتان ۾ اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جو اگهه 2267 رپيا ٿي ويو آهي، جڏهن ته صوبائي راڄڌاني لاهور ۾ عوام کي 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 2250 رپين ۾ خريد ڪرڻو پيو، جنهن سبب مهانگائي جو بار وڌي ويو آهي.
اٽي جي قيمتن ۾ اهڙو غير معمولي اضافو عام ماڻهوءَ جي قوت خريد کان ٻاهر ٿي رهيو آهي.
معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪڻڪ جي فراهمي ۾ رڪاوٽون ۽ ذخيرن کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪامي سڄي ملڪ ۾ اٽي جي قيمتن کي ڪنٽرول کان ٻاهر ڪري رهيا آهن، جن تي فوري ڪنٽرول جي ضرورت آهي.


