ڪراچي:
شهر قائد جي علائقي شير شاهه ۾ تيز رفتاري سبب مسافر ڪوسٽر ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ريسڪيو ذريعن موجب حادثو ڊالدا ڪمپني ويجهو پيش آيو، جتي تيز رفتاري سبب ڪوسٽر ڊرائيور کان ڪنٽرول وڃائي ويهندي روڊ سان ٽڪرائجي ڪلٽي ٿي پئي.
ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته زخمين ۾ 5 عورتون ۽ 6 مرد شامل آهن. سمورن زخمين کي فوري طور تي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي.
ذريعن موجب حادثي جو شڪار ڪوسٽر ۾ سوار مسافر بلديا ٽائون مان شادي جي تقريب ۾ شرڪت ڪري واپس لياري وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ حادثو پيش آيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي کانپوءِ ڪرين جي مدد سان اونڌي ٿيل ڪوسٽر کي روڊ تان هٽايو ويو، جنهن بعد ٽريفڪ جي روانگي بحال ڪئي وئي.
شروعاتي جاچ موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو.


