سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مسلسل پنجين آچر تي ڪراچي بس ريپڊ ٽرانزٽ (ڪي بي آر ٽي) ريڊ لائين منصوبي جو دورو ڪيو ۽ نمائش کان وٺي صفوران چورنگي تائين تعميراتي ڪمن جو تفصيلي جائزو ورتو.
سنڌ جي وڏي وزير ٽرانسپورٽ کاتي کي مخلوط ٽريفڪ ڪوريڊور، ڊرينيج ۽ يوٽيلٽي شفٽنگ جي ڪم کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته حڪومتي سطح تي مسلسل نگراني جا زميني سطح تي واضح ۽ هاڪاري نتيجا اچي رهيا آهن.
ترجمان موجب وڏي وزير دائود يونيورسٽي گلوب گولابائوٽ کان معائنو شروع ڪيو ۽ صفوران چورنگي جو سفر ڪيو. هن ڪوريڊور تي ٽريفڪ جي انتظامن، يوٽيلٽي پائپ لائنن جي منتقلي ۽ نيڪال جي انفراسٽرڪچر جو به معائنو ڪيو.
دوري ۾ سينيئر صوبائي وزير ۽ ٽرانسپورٽ وارو وزير شرجيل انعام ميمڻ، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، ٽرانسپورٽ کاتي جا عملدار، سي اي او ٽرانس ڪراچي زبير چنا، ايف ڊبليو او برگيڊيئر حسنين ۽ ڪمانڊر ڪراچي ايف ڊبليو او برگيڊيئر عدنان پڻ موجود هئا.
ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ سنڌ جي وڏي وزير کي لاٽ 2 جي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ڪم تيزي سان هلي رهيو آهي ۽ جلد مڪمل ڪري مخلوط ٽريفڪ بحال ڪئي ويندي. سي اي او زبير چنا جو چوڻ هو ته ميٽيلاجيڪل ڪوريڊور تي مخلوط ٽريفڪ لين، ڊيلينيٽر والز ۽ ڊرينيج جو ڪم هڪ ئي وقت هلي رهيو آهي.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته منصوبي تي هن وقت تائين 1950 ميٽرن جو مڪسڊ ٽريفڪ لين اسفالٽ بائنڊر جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 2320 ميٽر سب گريڊ ۽ ايگريگيٽ بيس جي تياري پڻ مڪمل ڪئي وئي آهي. مختلف حصن ۾ 1024 ميٽر ڊگھي 600 ملي ميٽر پائيپ ڊرين جا وڇايا ويا آهن جڏهن ته ڊيلينيٽر ۽ باڪس ڊرين جي تعمير جو وڏو حصو پڻ مڪمل ڪيو ويو آهي.
عملدارن سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ته نمائش کان وٺي جيل چورنگي، حسن اسڪوائر، نيپا ۽ مسمات تائين مختلف حصن ۾ تعميراتي ڪم تيزي سان جاري آهي. يوٽيلٽي چئلينجز ۽ جاري K-IV واڌ جي ڪمن جي باوجود، تعميراتي سرگرميون اڳتي وڌي رهيون آهن جڏهن ته پوري ڪوريڊور تي پائپ ڊرين جو ڪم 21 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي.
بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ايس ايس جي سي، ڪي ڊبليو ايس سي ۽ سيوريج لائينن جي جنڪشنن تي يوٽيلٽي شفٽنگ ۽ بيڪ فلنگ جو ڪم جاري آهي جڏهن ته حسن اسڪوائر کان نيپا سيڪشن ۾ ڪي فور ايڪسٽينشن جي ڪمن سبب ڪجهه سرگرميون عارضي طور متاثر ٿيون.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ريڊ لائين بي آر ٽي منصوبو ڪراچي لاءِ اهم اربن ٽرانسپورٽ پروجيڪٽن مان هڪ آهي ۽ ڪراچي جا ماڻهو جديد ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽ جا حقدار آهن، اهو ئي سبب آهي ته ان منصوبي جي هر آچر تي ذاتي طور تي نگراني ڪئي پئي وڃي.
هن سمورن انتظاميا ۽ ڪانٽريڪٽرن کي هدايت ڪئي ته ڪم جي رفتار کي برقرار رکندي وقت تي مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي جڏهن ته ضروري هجي ته افرادي قوت ۽ مشينري کي وڌايو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير ٽريفڪ مئنيجمينٽ کي بهتر بڻائڻ، عوامي سفري سهولتن کي يقيني بڻائڻ ۽ تعميراتي سائيٽن تي حفاظتي قدمن تي پڻ زور ڏنو.
بريفنگ موجب ڪي بي آر ٽي ريڊ لائين منصوبي جو لاٽ 2 چورنگي کان مسمات تائين 12.85 ڪلوميٽر ڊگهو آهي جتي 16 اسٽيشنون تعمير ٿي رهيون آهن جڏهن ته لاٽ 1 مسمات کان ملير هالٽ تائين 10 ڪلوميٽر آهي جنهن ۾ 6 اسٽيشنون ۽ 2 ڊپو آهن.
سنڌ جي وڏي وزير ارم اسڪوائر بليڪ بورڊ تي هلندڙ ڪمن جو به جائزو ورتو ۽ واٽر بورڊ کي واٽر سپلاءِ والو منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن بي آر ٽي ٽريڪ، ڊرينيج سسٽم ۽ مخلوط ٽريفڪ روڊ جو پيچ ورڪ جلد مڪمل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.
سنڌ جي وڏي وزير بي آر ٽي ريڊ لائين لاٽ ون جو دورو ڪيو، ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت
سيد مراد علي شاهه ڪراچي بي آر ٽي ريڊ لائين منصوبي جي لاٽ ون جو دورو ڪيو ۽ جاري تعميراتي ڪم جو تفصيلي جائزو ورتو.
سنڌ جي وڏي وزير ايئرپورٽ سگنل/ ملير هالٽ کان موسميات کاتي (سفورا) تائين جاري ترقياتي ڪمن جو معائنو ڪيو.
دوري دوران عملدارن وڏي وزير کي لوٽ ون تي جاري اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو.
مراد علي شاهه منصوبي تي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته منصوبي کي وقت تي مڪمل ڪيو وڃي.
سنڌ جي وڏي وزير تعميراتي معيار ۽ ٽريفڪ مينيجمينٽ کي بهتر رکڻ تي به زور ڏنو.
هن چيو ته منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان شهرين کي جديد، تيز ۽ محفوظ سفري سهولت ملندي.
سنڌ جي وڏي وزير جو ڀٽو هاءِ وي جو دورو، سيڪيورٽي ۽ ٽريفڪ جا انتظام سخت ڪرڻ جون هدايتون
سيد مراد علي شاهه ڀٽو هاءِ وي جو دورو ڪيو ۽ شاهه فيصل ٽول پلازه تي غير رسمي اجلاس جي صدارت ڪئي.
اجلاس ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان، ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه، ڊي آءِ جي ايسٽ زون ۽ لاڳاپيل ايس ايس پيز شرڪت ڪئي.
ايڊيشنل آءِ جي آزاد خان وڏي وزير کي ڀٽو هاءِ وي جي سيڪيورٽي صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.
سنڌ جي وڏي وزير شاهراهه ڀٽو تي 24 ڪلاڪ موثر پوليس گشت کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته هو چاهي ٿو ته شاهراهه ڀٽو تي هر وقت موثر گشت نظر اچي.
مراد علي شاهه هر انٽر چينج تي پوليس چيڪ پوسٽون قائم ڪرڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون.
سنڌ جي وڏي وزير ڀٽو هاءِ وي تي موٽرسائيڪل جي داخلا تي سخت پابندي لڳائڻ جو حڪم ڏيندي واضح ڪيو ته غلط رخ ۾ ڊرائيونگ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.
هن ٽريفڪ پوليس کي به هدايت ڪئي ته ڀٽو هاءِ وي تي اي-چالان سسٽم کي فوري طور تي فعال ڪيو وڃي.
سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته ڀٽو هاءِ وي تي رفتار جي حد 100 ڪلوميٽر في ڪلاڪ مقرر ڪئي وئي آهي، رفتار جي حد ۽ سيٽ بيلٽ جي قانون تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي.
مراد علي شاهه چيو ته شهرين جو تحفظ ۽ ٽريفڪ جو نظم و ضبط حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.


