مودي حڪومت جي ناقص پاليسين سبب ڀارت مسلسل دفاعي، سفارتي ۽ معاشي شعبن ۾ بدترين ناڪامين کي منهن ڏئي رهيو آهي.
هندستان ٽائمز موجب آمريڪي سينيٽرن ڀارت سميت روس کان تيل خريد ڪندڙ پنجن ملڪن تي 100 سيڪڙو کان وڌيڪ ٽيرف لڳائڻ جو بل پيش ڪيو آهي.
انڊين ايڪسپريس موجب، خدشو آهي ته روسي تيل خريد ڪندڙن تي تجويز ڪيل ٽيرف هندستان جي توانائي جي درآمد ۽ آمريڪا سان واپاري ڳالهين کي متاثر ڪندو. ياد رهي ته مودي حڪومت جي نااهلي سبب وچ اوڀر جي جنگ دوران ڀارت کي تيل ۽ گئس جي بدترين بحران کي منهن ڏيڻو پيو.
ماهرن موجب مودي حڪومت جي ناڪام معاشي پاليسين ڀارت ۾ مهانگائي، بيروزگاري ۽ عوامي مسئلن ۾ اضافو ڪيو آهي، جنهن خلاف عوام سراپا احتجاج آهي. شائننگ انڊيا ۽ معاشي طاقت بڻجڻ جو مضحکہ خیز خواب مودي جي ناقص پاليسين سبب ٽٽي ويو.


