اسلام آباد:
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار سان ناروي جي نائب پرڏيهي وزير اينڊرياس موٽزفيلٽ ڪروڪڪ پرڏيهي معاملن واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات ۾ ڌرين خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ان موقعي تي اسحاق ڊار خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ لاڳاپن ۽ ڳالهين جي فروغ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن تي زور ڏنو.
ناروي جي نائب پرڏيهي وزير پاڪستان جي تعميري ڪردار ۽ تڪرار جي پرامن ۽ پائيدار حل لاءِ جاري ڪوششن جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو.
ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي امڪانن جو به جائزو ورتو ويو.
آندريس موٽزفيلٽ ڪروڪڪ ناروي جي پرڏيهي وزير طرفان اسحاق ڊار کي ايندڙ مهيني اوسلو فورم ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني، جنهن تي پرڏيهي وزير سندس شڪريو ادا ڪيو.
ڌرين ٻطرفن معاملن، امن، استحڪام ۽ ترقي بابت معاملن تي ويجهن رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.


