اسلام آباد:
سپريم ڪورٽ قتل ڪيس جي جوابدار مير شهريار خان شر جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.
ايڪسپريس نيوز موجب مير شهريار خان شر ۽ سندس پٽ جهانگير خان شر جي ضمانت منظور ٿي وئي آهي. جوابدارن تي سنڌ اسيمبلي ميمبر ڄام مهتاب ڏهر تي حملي جو الزام هو. ان واقعي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ايڊووڪيٽ فاروق نائيڪ عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته درخواستگذار جي سياسي مخالفت آهي. جوابدارن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
جسٽس شاهد وحيد رمارڪس ڏيندي چيو ته حيرت جي ڳالهه آهي ته شڪايت ڪندڙ جي ڇنڊڇاڻ به ناهي ڪئي وئي. جسٽس مسرت هلالي چيو ته ڪيس کي سمجهڻ لاءِ تفصيل ڏسڻا پوندا.
واضح رهي ته اهو ڪيس ضلعي گهوٽڪي جي تعلقي اوباڑو ۾ داخل ڪيو ويو هو.


