برينٽ خام تيل جي قيمت 94.49 ڊالر في بيرل تائين گهٽجي وئي آهي.
ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ تازين ڳالهين جي نتيجي ۾ آبنائے هرمز جي صورتحال ۾ ڪجهه بهتري جو امڪان آهي، جنهن تحت برينٽ خام تيل جي قيمت 94.49 ڊالر تائين گهٽجي وئي آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ برنٽ خام تيل جو اگهه 44 سينٽ گهٽجي 94.49 ڊالر جڏهن ته يو ايس ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ 90.59 ڊالر في بيرل تي پهچي ويو.
ياد رهي ته برنٽ خام تيل تيل جي قيمت جو هڪ معيار آهي جنهن ذريعي يورپ، آفريڪا ۽ وچ اوڀر ۾ تيل جو واپار ڪيو ويندو آهي.


