آمريڪا جي سياسي فوجي معاملن واري اڳوڻي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل مارڪ ڪمٽ چيو آهي ته پاڪستان کي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو اعتماد آهي ۽ خطي ۾ اهم سفارتي ڪردار ادا ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو. ايڪسپريس نيوز موجب جنرل مارڪ ڪمٽ جو چوڻ هو ته پاڪستان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ موثر ثالثي ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ اهو ڪردار ماضي ۾ به ڪاميابي سان ادا ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ثالثي جي ذميواري ورتي ۽ ان کي شاندار انداز ۾ انجام ڏنو. جنرل (ر) مارڪ ڪميٽ چيو ته ان تڪرار کان اڳ به فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ صدر ٽرمپ جي وچ ۾ هڪ خاص قسم جي هم آهنگي ۽ اعتماد هو، جنهن ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اڳوڻي سينيئر آفيسر موجب ڊونلڊ ٽرمپ ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جا هي ويجها لاڳاپا ان معاملي ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا ٻنهي لاءِ فائديمند ثابت ٿيا.
Source link

پاڪستان خطي ۾ اهم سفارتي ڪردار ادا ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو، اڳوڻي آمريڪي جنرل
Leave a Comment Leave a Comment

