فهيم اشرف ٽي 20 بلاسٽ لاءِ يارڪشائر سان معاهدو ڪري ورتو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


انگلش ڪائونٽي ڪلب يارڪشائر پاڪستان جي تجربيڪار آل رائونڊر فهيم اشرف کي هن سيزن جي وائيٽلٽي بلاسٽ لاءِ اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو آهي.

تفصيل موجب 32 ورهين جو فهيم اشرف آسٽريلوي آل رائونڊر ول سدرلينڊ جي جاءِ سنڀاليندو، جيڪو ڪلهي جي زخم سبب ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي ويو آهي.

فهيم اشرف ان کان اڳ انگلش ڪائونٽي ڪرڪيٽ کيڏي چڪو آهي. هن نارٿمپٽن شائر ۽ سسڪس جي نمائندگي ڪئي آهي.

فهيم اشرف 22 مئي تي ناٽنگهم شائر خلاف يارڪشائر جي پهرين وائيٽلٽي بلاسٽ ميچ کان اڳ اسڪواڊ ۾ شامل ٿيندو.

فهيم اشرف وارڪ شائر ۽ ليسٽر شائر خلاف ڪائونٽي چيمپيئن شپ جي ٻن ميچن لاءِ به موجود هوندو.

فهيم اشرف يارڪشائر ۾ شامل ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته ڪيترن ئي پاڪستاني رانديگرن ڪلب جي نمائندگي ڪئي آهي ۽ هتي جي ماحول ۽ ٽيم جي معيار کي ساراهيو آهي.

پاڪستان لاءِ 85 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچون کيڏندڙ فهيم اشرف کي پي ايس ايل ۾ 1000 رنسون ۽ 100 وڪيٽون مڪمل ڪندڙ ٻئي رانديگر جو اعزاز به حاصل آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment