وچ اوڀر ۽ نار جي خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ فوري ۽ جامع جنگبندي ناگزير آهي، چين

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


چين جي پرڏيهي وزارت ايران جي موجوده صورتحال تي پنهنجو اهم موقف جاري ڪندي چيو آهي ته ايران ۾ جاري تڪرار شروع نه ٿيڻ گهرجي ها ڇو ته هن جنگ نه رڳو ايراني عوام پر پوري خطي کي سخت نقصان پهچايو آهي.

چين جي پرڏيهي وزارت سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ايران تڪرار جا اثر عالمي معيشت، سپلائي چين، عالمي واپار ۽ عالمي توانائي جي منتقلي تي به منفي اثر پئجي رهيا آهن.

بيان ۾ آمريڪا ۽ ايران جي تازي جنگبندي جي آجيان ڪندي چيو ته ڳالهين جا دروازا کوليا ويا آهن، ان کي ٻيهر بند نه ڪيو وڃي.

چين زور ڏنو ته ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري اڳتي وڌڻ جو صحيح رستو آهي، جڏهن ته طاقت جو استعمال هڪ ’مئل پڄاڻي‘، هڪ تباهي وارو رستو هوندو.

چين نار جي سامونڊي رستن جي بحالي لاءِ زور ڀريو آهي ، خاص طور تي هرمز جي آبنائي کي جلد کان جلد ، چيو آهي ته اهو عالمي سپلائي چين ۽ توانائي جي منتقلي جي استحڪام لاءِ اهم آهي.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته وچ اوڀر ۽ نار جي خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي لاءِ فوري ۽ جامع جنگبندي ناگزير آهي.

چيني پرڏيهي وزارت موجب پاڪستان ۽ چين گڏيل طور تي خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي لاءِ پنج نقاطي منصوبو پيش ڪيو آهي.

چين چيو ته هو وچ اوڀر ۾ امن لاءِ شي جن پنگ جي چار نقاطي ويزن جي مطابق ”تعميراتي ڪردار“ ادا ڪندو رهندو ته جيئن خطي ۾ پائيدار امن کي يقيني بڻائي سگهجي.

تجزيه نگارن موجب چين جو بيان اهڙي وقت آيو آهي جڏهن ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ ڇڪتاڻ عالمي سياست ۽ معيشت کي سخت متاثر ڪري رهي آهي، جڏهن ته عالمي طاقتون خطي ۾ وڏي جنگ جو خطرو گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment