اي سي سي جو اجلاس بجيٽ کان اڳ طلب، اضافي فنڊز، ترقياتي منصوبن جي منظوري جو امڪان آهي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 27-2026 جي بجيٽ کان اڳ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اهم اجلاس جمعي تي طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ اربين رپين جي اضافي فنڊن ۽ ترقياتي منصوبن جي منظوري جو امڪان آهي. ذريعن موجب اي سي سي اجلاس ۾ سسٽينبل ڊولپمينٽ گولز پروگرام لاءِ 7 ارب رپين کان وڌيڪ جي گرانٽ تي غور ڪيو ويندو، پاڪستان لينڊ پورٽس اٿارٽي لاءِ 528 ملين رپين جي گرانٽ جي تجويز ڏني وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيڪٽا لاءِ 15 ڪروڙ رپين جي اضافي فنڊن جي منظوري، ريڪوڊڪ منصوبي جي سيڪيورٽي پينٽ لاءِ 41 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي گرانٽ، ڪراچي ۽ حيدرآباد پيڪيج جي ترقياتي فنڊن جي منتقلي جي تجويز تي به غور ڪيو ويندو. اهڙي طرح خيبرپختونخواهه جي اسپيشل پروگرام جي فنڊن جي منتقلي به ايجنڊا جو حصو آهي، پاڪستان منٽس جي اپ گريڊيشن لاءِ 1.30 ڪروڙ رپين جي گرانٽ جي تجويز تي به غور ڪيو ويندو. اي سي سي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته اسلام آباد امن ڳالهين جي سڪيورٽي لاءِ 69 ڪروڙ رپيا طلب ڪيا ويا آهن، پي ايس او لاءِ سنڊيڪيٽڊ فنانسنگ جي سهولت تي غور ڪيو ويندو. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته آئل ريفائنري جي اپ گريڊيشن منصوبي تي معاهدو ايجنڊا تي آهي، مختلف وزارتن لاءِ اضافي فنڊز ۽ اضافي فنڊن جي منظوري پڻ متوقع آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment