ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين جي ٻئي دور جي موقعي تي وفاقي گادي واري شهر ۾ سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن، اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ داخلا بند ڪئي وئي آهي، جڏهن ته جڙيل شهرن ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ معطل ڪئي وئي آهي، جنهن سبب مسافر ڦاٿل آهن. ضلعي انتظاميا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ريڊ زون ۾ داخلا مڪمل طور بند ڪئي وئي آهي، جڏهن ته خانگي ۽ سرڪاري اسڪولن ۽ آفيسن کي گهر کان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. انتظاميا جو چوڻ آهي ته اهي قدم سڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي کنيا ويا آهن. جڙيل شهرن اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ به سڪيورٽي پابندين سبب پبلڪ ٽرانسپورٽ معطل رهي، جنهن سبب مسافرن کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو. ٻين شهرن مان ايندڙ ۽ ويندڙ ماڻهو سڄو ڏينهن لاري اسٽينڊن تي ڦاٿل رهيا ۽ سفر جا متبادل طريقا ڳوليندا رهيا. بس سروس معطل ٿيڻ سبب مسافرن جي وڏي انگ ريلوي اسٽيشنن جو رخ ڪيو، جنهن سبب ٽرينن ۾ غير معمولي رش ٿي ويو. ڪراچي کان پشاور ويندڙ خيبر ميل به 3 ڪلاڪ دير سان رواني ٿي پر مسافر ڪافي دير تائين انتظار ڪندا رهيا. شهرين انتظاميه کان مطالبو ڪيو آهي ته سيڪيورٽي ۽ عوامي سهولتن جو به خيال رکيو وڃي ته جيئن عام زندگي گهٽ ۾ گهٽ متاثر ٿئي.
Source link

اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ داخلا بند، ٻهراڙين ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ معطل، شهري ڦاٿل
Leave a Comment Leave a Comment

