فرنچ اوپن ۾ انعامي رقم تي تڪرار، عالمي ٽينس اسٽارز جو منفرد احتجاج

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


عالمي نمبر ون ٽينس پليئر آرينا سبالينڪا فرنچ اوپن شروع ٿيڻ کان اڳ ميڊيا ڪانفرنس کي مختصر ڪندي انعامي رقم جي معاملي تي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو.

تفصيل موجب رانديگرن ميڊيا سان رڳو 15 منٽن تائين ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن جو اشارو اهو هو ته گرينڊ سلم ٽورنامينٽ ۾ رانديگرن کي پنهنجي آمدني جو صرف 15 سيڪڙو انعامي رقم جي صورت ۾ ڏنو ويندو.

احتجاج ۾ ڪيترائي وڏا نالا شامل هئا، جن ۾ دنيا جي نمبر هڪ مرد رانديگر جانڪ سنر ۽ چار ڀيرا فرينچ اوپن چيمپيئن ايگا سواتيڪ شامل هئا.

سبيلنڪا چيو ته رانديگر متحد آهن ۽ پنهنجي حقن لاءِ آواز بلند ڪندا رهندا.

ٻئي طرف نواڪ جوڪووچ احتجاج ۾ شرڪت نه ڪئي پر هن رانديگرن جي مطالبن جي حمايت ڪندي چيو ته ٽينس مان تمام گهٽ ماڻهن کي مناسب روزگار ملي سگهي ٿو، ان ڪري رانديگرن جي بهتر مستقبل لاءِ قدم ضروري آهن.

رانديگرن جي مطالبن ۾ انعامي رقم ۾ واڌ، صحت ۽ پينشن جون سهولتون ۽ ٽورنامينٽ جي فيصلن ۾ وڌيڪ مشاورت شامل آهي.

ٻئي طرف فرنچ اوپن انتظاميا معاملي تي ڳالهيون جاري رکڻ جو اشارو ڏنو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment