ڪراچي ۾ سخت گرمي سبب قومي ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ ملتوي ڪئي وئي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



54هين قومي ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ ملتوي ڪئي وئي، چيمپيئن شپ هاڻي ڪراچي ۾ آڪٽوبر، نومبر ۾ ٿيندي، چيمپيئن شپ گرم موسم سبب ملتوي ڪئي وئي آهي. چيمپيئن شپ 14 کان 17 مئي تائين ڪراچي ۾ ٿيڻي هئي، نيشنل فيڊريشن نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته اين اي ڊي اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ چئن ڏينهن واري چيمپيئن شپ جي 50 ايونٽس ۾ سڄي ملڪ مان 500 رانديگرن ۽ 300 آفيشلز جي شرڪت جو امڪان هو، جنهن ۾ 23 مردن ۽ 25 عورتن جا جڏهن ته 2 مڪسڊ ايونٽس هئا.



Source link

Share This Article
Leave a Comment