لاهور کي علائقي جو پهريون ”چائلڊ فرينڊلي سٽي“ قرار ڏيڻ لاءِ تياريون مڪمل آهن

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


لاهور کي علائقي جو پهريون ”چائلڊ فرينڊلي سٽي“ قرار ڏيڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، جنهن تحت گڏيل قومن جو ٻارن جو فنڊ (يونيسيف) شهر کي باضابطه سرٽيفڪيٽ جاري ڪندو.

ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر احمد جاويد قاضي ۽ يونيسيف جي چيف فيلڊ آفيسر رميز بهبودوف جي وچ ۾ اهم ملاقات ٿي، جنهن ۾ ٻارن جي تحفظ ۽ ڀلائي بابت قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

گهرو سيڪريٽري موجب پنجاب پهريون صوبو آهي جنهن ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ جامع چائلڊ پروٽيڪشن پاليسي جوڙي آهي، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.

هن چيو ته ٻارن تي تشدد، زيادتي ۽ استحصال خلاف زيرو ٽالرينس جي پاليسي اختيار ڪئي وئي آهي ۽ ”گڊ ٽچ، بيڊ ٽچ“ بابت آگاهي مهم پڻ هلي رهي آهي. ان کان علاوه ٻارن کي محفوظ پناهه، کاڌو، تعليم، صحت، نفسياتي ۽ قانوني سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن ۽ صوبي ۾ 19 نوان چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ قائم ڪيا پيا وڃن.

يونيسيف جي نمائندي رميز بهبودوف پنجاب حڪومت جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته وڏي وزير جا قدم مثالي آهن ۽ ”جيول آف ايجوڪيشن“ منصوبي سان ڇوڪرين جي اسڪول ۾ داخلا ۾ اضافو ٿيو آهي.

اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته لاهور کي ٻارن لاءِ دوست شهر قرار ڏيڻ لاءِ مئي جي پهرين هفتي ۾ مفاهمتي ياداشت تي صحيحون ڪيون وينديون.





Source link

Share This Article
Leave a Comment