پنجاب حڪومت زميني نظام ۾ شفافيت لاءِ اهم سڌارا آڻي ڇڏيا آهن.
تفصيل موجب پنجاب ۾ زمينن ۽ ملڪيتن جي خريد و فروخت صرف گرين پراپرٽي سرٽيفڪيٽ ذريعي ٿيندي.
روايتي ذاتي وڪرو ۽ ٻيا دستاويز مڪمل طور تي ختم ڪيا ويا آهن. گرين پراپرٽي سرٽيفڪيٽ هڪ ئي وقت ملڪيت ۽ قبضي جي تصديق ڪندو. وڏن شهرن ۾ لاڳو ٿيڻ کانپوءِ مرحليوار ٻين ضلعن ۾ به وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
پلان فار ريفارم آف لينڊ سسٽم جي ڊجيٽلائيزيشن مهم ۾ پڻ اهم اڳڀرائي ڪئي وئي آهي. شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي گرين پراپرٽي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ لينڊ رڪارڊ سينٽرن ڏانهن رجوع ڪن.
ڊجيٽل رڪارڊ سسٽم زميني تڪرارن کي تمام گهڻو گهٽايو آهي. جديد لينڊ مينيجمينٽ سسٽم، گرين پراپرٽي سرٽيفڪيٽ، حڪومتي سڌارن جي اهم سنگ ميلن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.


