ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو آهي ته گهريلو صارفين کي گئس جي فراهمي کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي، جڏهن ته صنعتي علائقن کي گئس جي فراهمي به انتهائي ضروري آهي. هن هدايت ڪئي ته گئس چوري جي روڪٿام لاءِ موثر ۽ سخت قدم کنيا وڃن ۽ شهرين جي شڪايتن جي فوري ازالي لاءِ هڪ مربوط ۽ فعال نظام ٺاهيو وڃي. گورنر سنڌ وڌيڪ چيو ته گئس انفراسٽرڪچر جي اپ گريڊيشن سان نه رڳو سپلاءِ بهتر ٿيندي پر پريشر مسئلن تي به ضابطو ايندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار سوئي سدرن گئس جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد امين راجپوت سان گورنر هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي مئنيجنگ ڊائريڪٽر گئس جي موجوده فراهمي، درپيش مسئلن ۽ جاري قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ملاقات ۾ لائين لاسز ۾ گهٽتائي، گئس انفراسٽرڪچر جي بهتري ۽ پريشر جي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد امين راجپوت چيو ته صنعتي علائقن کي ترجيحي بنيادن تي گئس فراهم ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ايل اين جي جي درآمد ذريعي مجموعي سپلاءِ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.
Source link

گهريلو صارفين کي گئس جي فراهمي کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي: گورنر سنڌ
Leave a Comment Leave a Comment

