ڪراچي:
سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي امدادي مشن دوران اسرائيل ۾ سعد ايڌي جي گرفتاري تي گهري ڳڻتي ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته انسانيت جي خدمت ڪندڙ رضاڪارن کي روڪڻ عالمي انساني قدرن ۽ عالمي قانونن جي خلاف آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ سنڌ جي گورنر چيو ته سعد ايڌي ۽ سندس ساٿي مظلوم فلسطيني عوام لاءِ کاڌو، دوائون ۽ ٻيو امدادي سامان کڻي رهيا هئا.
هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو واقعي جو فوري نوٽيس وٺي ۽ امدادي ڪارڪنن جي محفوظ آزاديءَ کي يقيني بڻائي ته جيئن انساني همدردي جي بنياد تي امدادي سرگرميون بغير ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رهي سگهن.
سيد محمد نهال هاشمي چيو ته پاڪستاني قوم انسانيت جي خدمت ڪرڻ وارن سان گڏ بيٺي آهي جڏهن ته فلسطيني عوام جي مدد لاءِ اٿندڙ هر آواز دراصل انسانيت جو آواز آهي.
هن چيو ته ايڌي فائونڊيشن ۽ ايڌي خاندان هميشه مذهب، رنگ ۽ نسل کان بالاتر ٿي انسانيت جي خدمت جو مثال قائم ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته انسانيت جي خدمت جو سفر رڪاوٽن سان ختم نٿو ٿئي پر اهڙيون حالتون ان جذبي کي مضبوط ڪن ٿيون.


