سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پوليس جي اعليٰ عملدارن جي بليڪ ميلنگ بابت مقامي واپاري جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مقامي واپاري پاران بليڪ ميلنگ، ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ رقم گهرڻ خلاف درخواست داخل ڪئي وئي.

درخواست ۾ ٽن ڊي آءِ جيز ۽ ٻين پوليس آفيسرن کي ڌر بڻايو ويو آهي. عدالت ڌرين کي 22 جولاءِ لاءِ نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.

درخواستگذار جو چوڻ هو ته واجد شيخ کيس اعليٰ پوليس آفيسرن سان واسطو رکڻ جي دعويٰ ڪري بليڪ ميل ڪري رهيو آهي.

درخواستگذار جي وڪيل احمد علي گبول وڪيل دليل ڏيندي چيو ته واجد شيخ ڪيترائي ڀيرا مختلف ڊي آءِ جيز جي نالي تي رقم گهري، ڊي آءِ جي سائوٿ، ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي ۽ ٻين اعليٰ پوليس آفيسرن جا نالا به استعمال ڪري ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون.

درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو ته معاملي بابت پوليس جي اعليٰ اختيارين کي شڪايتون پڻ ڪيون ويون پر ڪابه ٻڌڻي نه ٿي.

وڪيل موجب سندس موکل سخت ذهني اذيت ۾ مبتلا آهي، جڏهن ته جوابدار پوليس اهلڪارن جي سرڪاري گاڏي به استعمال ڪندو آهي.

درخواست ۾ عدالت کان استدعا ڪئي وئي ته درخواستگذار کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment