ڀارتي شاگرد عمر خالد جو مودي سان اختلاف سامهون اچڻ بعد جيل ۾ قيد نوجوان جي مستقبل تي سنگين سوال اٿاريا ويا آهن.
مودي سرڪار جي سخت رياستي قدمن ۽ الزامن سبب نوجوان ڀارتي شاگرد عمر خالد جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي. ان حوالي سان عالمي جرنل دي گارڊين موجب 2019ع ۾ سڄي ملڪ ۾ حڪومت مخالف مظاهرن دوران نوجوان عمر خالد مودي حڪومت لاءِ پهريون وڏو چئلينج هو.
دي گارڊين موجب سيپٽمبر 2020 ۾ مودي حڪومت نوجوان شاگرد عمر خالد کي دهشتگرد قرار ڏئي جيل موڪليو. هندستاني حڪومت عمر خالد تي دهلي جي فرقيواراڻي فسادن ۽ حڪومت جي تبديليءَ جي سازش جو الزام لڳايو. مودي حڪومت جي اثر هيٺ ڀارتي ميڊيا نفرت سان عمر خالد کي مسلمان دهشتگرد ۽ ملڪ دشمن قرار ڏئي رهي آهي.
رپورٽ موجب عمر خالد 20 ڪروڙ ڀارتي مسلمانن ۽ ٻين اقليتن سان ڏاڍائي ۽ امتيازي سلوڪ تي مودي حڪومت خلاف آواز اٿاريو هو.
ٻئي پاسي ڪانگريس جي سينيئر اڳواڻ راشد علوي به عمر خالد کي بغير ٽرائل ۽ ضمانت جي ڊگهي قيد کي ڀارت جي بدنامي قرار ڏنو آهي. انساني حقن جي عالمي تنظيمن به عمر خالد جي لڳ ڀڳ 6 سال قيد جي سزا کي غير منصفانه قرار ڏيندي تنقيد ڪئي آهي.
دي گارڊين موجب نيويارڪ جي ميئر ظهران مامداني به عمر خالد سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ پيغام لکيو آهي. ڀارتي محقق ڊاڪٽر بانوجيوتسانا لاهري موجب ڪنهن به شخص کي بنا مقدمي جي قيد ڪرڻ انساني آزادي ۽ وقار جي بنيادي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي.
https://img.express.pk/media/videos/indian_student_umar_khalid_opinion.mp4


