سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ايڊمن سوسائٽي جي رهائشي پلاٽن تي غير قانوني اڏاوتون روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. غير قانوني اڏاوتن خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران عدالت تعميرات روڪڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. درخواستگذار شيخ اظهر جي وڪيل عفان عزيز ايڊووڪيٽ دليل ڏيندي چيو ته بلڊر رياض بٽلا ۽ حسن بٽلا رهائشي پلاٽن تي 5 ماڙ عمارتون ٺاهي رهيا آهن، ٻنهي پلاٽن تي پينٽ هائوس به ٺاهي رهيا آهن جڏهن ته ڪراچي ايڊمن سوسائٽي ۾ گرائونڊ پلس ون جي اجازت آهي. جسٽس عدنان الڪريم رمارڪس ڏنا ته بلڊرز کي رهائشي علائقي تي ڪمرشل اڏاوت جي اجازت ڪنهن ڏني؟ عدالت سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي به نوٽيس جاري ڪندي آگسٽ جي پهرين هفتي ۾ تفصيلي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
Source link

ڪراچي ايڊمن سوسائٽي جي رهائشي پلاٽن تي غير قانوني اڏاوتون روڪڻ جو حڪم
Leave a Comment Leave a Comment

