رومن پاول حارث رئوف کي لڳاتار چار ڇڪا هنيا، وڊيو وائرل

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ميجر ليگ ڪرڪيٽ (ايم ايل سي) 2026 جي پهرين ڪواليفائر ۾ لاس اينجلس نائيٽ رائيڊرز سن فرانسسڪو يونيڪارنز کي سنسني خیز مقابلي ۾ شڪست ڏئي پهريون ڀيرو ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ پهچي ويو.

آڪلينڊ ۾ کيڏيل ميچ ۾ سين فرانسسڪو جي ڪپتان ميٿيو شارٽ ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.

لاس اينجلس طرفان ڪولن منرو 44 بالن تي 51 رنسون ۽ آندري رسل 41 بالن تي اڌ سينچري اسڪور ڪئي پر رومن پاول ميچ جو رخ ئي تبديل ڪري ڇڏيو.

هن صرف 15 بالن تي شاندار اڌ سينچري مڪمل ڪئي، آخري اوورن ۾ لڳاتار ڇڪن جي برسات ڪري ٽيم جو مجموعي اسڪور 187 رنسن تائين پهچايو.

ان دوران هن 19هين اوور ۾ حارث رئوف کي لڳاتار 4 ڇڪا به هنيا.

هدف جي تعاقب ۾ سان فرانسسڪو جي ڪپتان ميٿيو شارٽ 62 بالن تي 94 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي پر پنهنجي ٽيم کي فتح نه ڏياري سگهيو.

سان فرانسسڪو جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 180 رنسون ٺاهي سگهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment