ڪراچي:
6 مهينن جي ڌيءَ کي دفنائڻ لاءِ ويندڙ نوجوان کي وحشي ڌاڙن هٿان قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب مقتول جو ڀاءُ پڻ زخمي ٿي پيو.
پوليس موجب سهراب گوڙ پنجاب بس اسٽينڊ ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ سندس ڀاءُ زخمي ٿي پيو. مقتول پنهنجي 6 مهينن جي ڌيءَ جي تدفين لاءِ پنهنجي اباڻي علائقي گهوٽڪي وڃي رهيو هو.
واقعو سچل ٿاڻي جي حد ۾ سهراب گوڙ پنجاب بس اڊا پيادلن جي پل وٽ پيش آيو، جتان مارجي ويل ۽ زخمي نوجوان کي ايمبولينس ذريعي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ايس ڊي پي او سهراب ڳوٺ ڊي ايس پي اورنگزيب خٽڪ ٻڌايو ته مارجي ويلن جي سڃاڻپ 27 ورهين جي منصور احمد ۽ زخمي جي سڃاڻپ 23 ورهين جي رشيد جي نالي سان ٿي آهي، ٻئي ڀائر آهن.
اسپتال ۾ ايڪسپريس ميڊيا سان ڳالهائيندي زخمي رشيد ٻڌايو ته هو ۽ سندس ڀاءُ منصور ناظم آباد ۾ مٺائي جي دڪان تي ڪم ڪن ٿا ۽ اتي ئي رهن ٿا، سندن اباڻي تعلق سنڌ جي علائقي گهوٽڪي سان آهي.
هن چيو ته منصور جي 2 سال اڳ شادي ٿي هئي ۽ کيس 6 مهينن جي ڌيءَ آهي. جمعي جي رات گهر مان خبر پئي ته منصور جي ڌيءَ فوت ٿي وئي آهي، جنهن تي هو ۽ منصور ڇنڇر جي صبح گهوٽڪي لاءِ روانا ٿيا هئا.
زخمي نوجوان ٻڌايو ته ٻئي ڀائر سهراب گوڙ پنجاب بس اڊا پيادل پل وٽ بس جو انتظار ڪري رهيا هئا ته 2 ڌاڙيل آيا ۽ ڦر لٽ ڪري فرار ٿي ويا.
منصور جيڪو اڳ ۾ ئي پنهنجي نوجوان ڌيءَ جو غم ڪري رهيو هو، تنهن جو ڌاڙيلن سان جهيڙو ٿي پيو، جنهن تي ٻين ڌاڙيلن ڪاوڙ ۾ اچي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ منصور موقعي تي ئي مارجي ويو.
مقتول 4 ڀائرن ۾ وڏو هو. پوليس قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بعد لاش کڻائي گهوٽڪي جي اباڻي علائقي ۾ آندو ويو آهي.


