پشاور ڪسٽم انفورسمينٽ جو اسمگلنگ خلاف وڏو ڪريڪ ڊائون، 1.163 ارب رپين جو سامان هٿ.

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


پاڪستان ڪسٽم انفورسمينٽ اسمگلنگ خلاف انٽيليجنس بنيادن تي ڪارروايون ڪندي گذريل ٻن هفتن دوران 1.163 ارب رپين جو سمگل ٿيل سامان ۽ نان ڊيوٽي ادا ڪيل گاڏيون ضبط ڪيون.

پاڪستان ڪسٽم موجب ڪارروائي دوران جعلي ڊڪليئريشن ذريعي اسمگل ڪيل 6 هزار 330 ڪلو گرام سيلولوز ايڪٽيٽ ٽائو هٿ ڪري قبضي ۾ ورتو ويو.

اختيارين موجب بيڊ فورڊ ٽرڪ مان 4 هزار 52 ڪلوگرام مردن ۽ عورتن جا ڪپڙا به هٿ ڪيا ويا، جڏهن ته ڪارروائي دوران 7 هزار 380 سگريٽ ۽ 1 هزار 100 ڪلو گرام سون جو گٽڪو به هٿ ڪيو ويو.

پاڪستان ڪسٽمز موجب، ٿاڪوٽ، هزاره ۾ هڪ اسوزو ٽرڪ مان پرڏيهي ۽ نان ڊيوٽي ادا ڪيل کاڌي پيتي جي شين جي هڪ وڏي کھیپ پڻ هٿ ڪئي وئي.

ترجمان موجب ڪارروائي دوران 3 لگزري نان ڊيوٽي پيڊ گاڏيون به هٿ ڪيون ويون، جن جي ڪل ماليت 2 ڪروڙ 55 لک رپيا آهي.

پاڪستان ڪسٽم جو چوڻ آهي ته اهي اثرائتيون ڪارروايون اسمگلنگ خلاف صفر برداشت واري پاليسي جي عڪاسي آهن، جڏهن ته قومي روينيو جي تحفظ، قانوني واپار کي هٿي وٺرائڻ ۽ اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ لاڳو ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن.

پاڪستان ڪسٽمز موجب، ايڊوانس انٽيليجنس، موثر نگراني ۽ مضبوط انفورسمينٽ ذريعي سمگلنگ خلاف آپريشن بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment