آمريڪا جي ڊينور ايئرپورٽ تي افسوسناڪ حادثي ۾ مسافر جهاز ٽيڪ آف دوران رن وي تي بيٺل هڪ شخص سان ٽڪرائجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هو فوت ٿي ويو.
ايئرپورٽ اختيارين موجب فرنٽيئر ايئر لائنز جي اڏام 4345 جمعي جي رات 11 لڳي 19 منٽن تي روانگي لاءِ رن وي تي هلي رهي هئي ته هڪ شخص جهاز سان ٽڪرائجي ويو.
آمريڪي ميڊيا رپورٽن موجب هڪ اهلڪار جو چوڻ آهي ته مقتول جهاز جي انجڻ ۾ به جزوي طور هليو ويو هو، جنهن سبب انجڻ کي باهه لڳي وئي. واقعي کانپوءِ ايئرپورٽ اختيارين ڪارروائي ڪري باهه تي ضابطو آندو.
برطانوي ميڊيا موجب ايئرپورٽ انتظاميا جو چوڻ آهي ته مارجي ويل شخص سڪيورٽي باڙ پار ڪندي ايئرپورٽ اندر داخل ٿيو. اهلڪارن موجب، هو باهه پار ڪرڻ کان ٻن منٽن کانپوءِ جهاز سان ٽڪرائجي ويو.
ايئر لائن موجب جهاز لاس اينجلس لاءِ روانو ٿي رهيو هو. جهاز ۾ 224 مسافر ۽ 7 عملي جا ميمبر سوار هئا. حادثي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ مسافر پڻ ٿورڙي زخمي ٿي پيو.
واقعي کانپوءِ ايئرپورٽ جي سڪيورٽي ۽ حفاظتي انتظامن تي سوال اٿاريا پيا وڃن، جڏهن ته اختيارين حادثي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ته معلوم ڪرڻ لاءِ ته شخص رن وي تي ڪيئن پهتو.


