ايران جي قومي فٽبال ٽيم 2026 فيفا ورلڊ ڪپ جي تيارين لاءِ ترڪي روانو ٿي وئي آهي جتي هو آخري دوستانه ميچ کيڏندي ۽ آمريڪا وڃڻ لاءِ ويزا جو عمل مڪمل ڪندي. ايراني ميڊيا جي رپورٽن موجب ٽيم انٽاليا ۾ ٽريننگ ڪيمپ لڳائيندي ۽ اتي ٻه وارم اپ ميچون پڻ رٿيل آهن. رپورٽن مطابق ايران جي ٽيم ۾ 22 مقامي رانديگر ۽ ڪوچنگ اسٽاف شامل آهي، جڏهن ته هيڊ ڪوچ عامر قلانوي چيو آهي ته رانديگر ترڪي ۾ آمريڪي ويزا جون درخواستون به جمع ڪرائيندا. ايران جي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت اهڙي وقت ٿي آهي جڏهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ ۽ سيڪيورٽي خدشن سبب ايران اڳ ۾ پنهنجون ميچون آمريڪا بدران ميڪسيڪو منتقل ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي پر فيفا ٽورنامينٽ جي شيڊول ۾ تبديلي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. آمريڪي صدر ٽرمپ گذريل مهيني ايراني ٽيم جي شرڪت جي حوالي سان چيو هو ته کين کيڏڻ ڏنو وڃي، جڏهن ته آمريڪي عملدارن واضح ڪيو ته مسئلو رانديگرن سان نه پر ڪجهه آفيسرن جي ممڪن سياسي رابطن سان آهي. فيفا آفيسرن ۽ ايراني فٽبال فيڊريشن وچ ۾ تازي ملاقاتن کانپوءِ ايران جي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت جا امڪان وڌيڪ مضبوط ٿي ويا آهن. ايران گروپ اسٽيج ۾ نيوزيلينڊ، بيلجيم ۽ مصر سان ميچون کيڏندو.
Source link

ايراني فٽبال ٽيم فيفا ورلڊ ڪپ جي تيارين جي سلسلي ۾ ترڪي روانو ٿي وئي
Leave a Comment Leave a Comment

