بجيٽ 2026-2027 پيٽروليم ليوي تي وڏي واڌ جي تجويز

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



حڪومت ايندڙ مالي سال لاءِ پيٽروليم ليوي جي هدف ۾ وڏي واڌ جي تجويز ڏني آهي. تفصيل موجب ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ بجيٽ پيش ڪندي ٻڌايو ته حڪومت ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ايل پي جي تي پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 3 ارب 45 ڪروڙ رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، هن چيو ته ڪلائميٽ سپورٽ ليوي جي مد ۾ 50 ارب رپيا گڏ ڪرڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. ان کان علاوه آف گرڊ ڪيپٽيو پاور پلانٽس ليوي جو هدف 15 ارب 73 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment