ڪراچي:
شهر قائد جي علائقي ناردرن بائي پاس تي يوسف گوڙ بس ٽرمينل جي سامهون ٽرالر ۽ ڪوسٽر وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿيڻ سبب ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر ٿي وئي.
ريسڪيو ذريعن موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو پر خوش قسمتي سان ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.
ايڌي عملدارن جو چوڻ آهي ته ٽڪر ايترو ته زوردار هو جو ڪوسٽر جو اڳيون حصو خراب ٿي ويو ۽ گاڏي مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي.
حادثي کانپوءِ پوليس ۽ امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون، جڏهن ته متاثر گاڏين کي روڊ تان هٽائڻ لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو.
ٽريفڪ پوليس ترجمان موجب حادثي سبب ناردرن بائي پاس تي يوسف گوڙ ويجهو گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون ۽ ٽريفڪ جي رواني معطل ٿي وئي.
ٽريفڪ پوليس ناردرن بائي پاس کان مشرف ڪٽ ۽ ٽي ڪراسنگ کان حب ريور روڊ تائين گاڏين کي موڙي ڇڏيو، جڏهن ته شهرين جي سهولت لاءِ متبادل رستن جو انتظام ڪيو ويو آهي.


