ڪيوف/ماسکو: يوڪرين روس تي سڀ کان وڏو ڊرون حملو ڪيو، مختلف علائقن کي لڳ ڀڳ 600 ڊرونز سان نشانو بڻايو، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
روسي بچاءَ واري وزارت موجب روس جي مختلف علائقن ڪريميا، اسود سمنڊ ۽ ازوف سمنڊ ۾ رات جو 556 يوڪرين ڊرون ڪيرايا ويا جڏهن ته صبح جو 30 ڊرون تباهه ٿي ويا.
اختيارين موجب حملي ۾ مارجي ويلن ۾ هڪ ڀارتي شهري به شامل آهي، جيڪو روس ۾ ڪم ڪري رهيو هو. ماسڪو جي علائقي جي گورنر اينڊري ووروبيوف چيو ته هڪ عورت مارجي وئي ۽ ٻه مرد مارجي ويا جڏهن هڪ ڊرون هڪ خانگي گهر ۾ ڪري تباهه ٿي ويو.
روس موجب، حملا 14 مختلف علائقن ۾ ڪيا ويا، جڏهن ته ماسڪو ۽ ڀرپاسي ۾ 80 کان وڌيڪ ڊرونز کي فضائي دفاعي نظام ذريعي تباهه ڪيو ويو. حملي جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا.
ماسڪو جي ميئر سرگئي سوبيانين چيو آهي ته ڪجهه ڊرون هڪ تعميراتي سائيٽ تي آئل اينڊ گيس ريفائنري جي ويجهو ڪري پيا، ڪارڪنن کي زخمي ڪيو، پر ريفائنري جي پيداوار کي متاثر نه ڪيو. حملن ۾ ٽن رهائشي عمارتن کي پڻ نقصان پهتو.
ٻئي طرف يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي روس جي حملن کي مڪمل طور تي جائز جواب قرار ڏنو آهي. هن چيو ته روس يوڪرين جي شهرن ۽ ڳوٺن تي مسلسل حملا ڪري رهيو آهي، جنهن جو جواب ڏيڻ ضروري هو.
يوڪرين جي بچاءَ واري وزارت دعويٰ ڪئي آهي ته ماسڪو جي علائقي تي حملو 2022ع ۾ جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ سڀ کان وڏو حملو آهي، يوڪريني اهلڪارن موجب سندن حڪمت عملي ڊگهي رينج تائين روسي فوجي هدفن کي نشانو بڻائڻ آهي.
ان دوران روس به يوڪرين تي پنهنجا حملا جاري رکيا آهن. يوڪرين جي هوائي فوج موجب روس 287 ڊرون فائر ڪيا جن مان 279 تباهه ٿي ويا.
ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگ بندي جون ڪوششون هن وقت تائين ناڪام ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته آمريڪا جي ثالثي ۾ عارضي جنگبندي به ختم ٿي وئي آهي. ان کانپوءِ روس ۽ يوڪرين هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ ٻئي تي سخت حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن.


