جيڪڏهن توهان ۾ ٽيلنٽ آهي ته ميدان ۾ اچو، ميرٽ جي بنياد تي راندين کي فروغ ڏيڻ لاءِ هڪ اهم قدم آهي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


جيڪڏهن توهان ۾ ٽيلنٽ آهي ته ميدان ۾ لهي اچو، پاڪستان اسپورٽس بورڊ ميرٽ جي بنياد تي راندين جي فروغ لاءِ اهم قدم کڻي ڇڏيو آهي.

تفصيل موجب پاڪستان اسپورٽس بورڊ قومي رانديگرن جي سڃاڻپ ۽ تصديق جو نظام متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هن پروگرام جو مقصد سڄي ملڪ جي نوجوان رانديگرن کي هڪ شفاف ۽ باقاعده پليٽ فارم فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن قومي سطح تي پنهنجون صلاحيتون اجاگر ڪري سگهجن.

اهو قدم پاڪستان جي راندين واري نظام ۾ هڪ ڊگهي وقت کان موجود خال ڀرڻ جي ڪوشش آهي. هي پروگرام 12 کان 25 سالن جي عمر جي سڀني پاڪستاني شهرين لاءِ کليل آهي.

ڪرڪيٽ کان علاوه ٻين سڀني راندين لاءِ درخواستون پي ايس بي جي ويب سائيٽ ذريعي اردو ۽ انگريزي ٻنهي ٻولين ۾ جمع ڪرائي سگهجن ٿيون.

پروسيس ۾ ڪنهن به مرحلي تي ڪابه فيس نه آهي ۽ درخواستون سڄي سال ۾ جمع ڪري سگھجن ٿيون.

هن سسٽم جي تحت درخواستن کي شروعاتي طور تي ماهرن جي هڪ آزاد پينل طرفان اسڪريننگ ڪيو ويندو. شارٽ لسٽ ڪيل اميدوارن کي لاڳاپيل نيشنل اسپورٽس فيڊريشن ڏانهن موڪليو ويندو.

اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، پشاور، ڪوئيٽا، مظفر آباد، گلگت ۽ اسڪردو سميت مختلف شهرن ۾ جسماني تشخيصي ڪيمپون لڳايون وينديون.





Source link

Share This Article
Leave a Comment