پينٽاگون آمريڪي ڪانگريس کي آگاهه ڪيو آهي ته ايران پاران آبنائے هرمز ۾ رکيل بارودي سرنگ هٽائڻ ۾ 6 مهينا لڳي سگهن ٿا. واشنگٽن پوسٽ جي مطابق، جنگ جي خاتمي تائين اهڙي ڪا به ڪارروائي شروع نه ڪئي ويندي، جنهن جو مطلب آهي ته تڪرار جو معاشي اثر هن سال جي آخر تائين يا ان کان پوءِ رهي سگهي ٿو. ٻئي طرف ايران ڳالهين کي آمريڪي پابندين سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته آمريڪي صدر ٽرمپ پاڪستان جي درخواست تي جنگ بندي ۾ واڌ جو اعلان ڪيو آهي. پاڪستان ۾ مقرر ايراني سفير رضا اميري سان ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان امن لاءِ سفارتي ڪوششون جاري رکندو، ايران کي ڳالهين ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ گهرجي. آمريڪي صدر ٽرمپ جو اهو به چوڻ هو ته ايران سان ڳالهين يا جنگبندي جي ڪا به وقت مقرر ناهي، صدر ٽرمپ ايران کي ڪجهه ڏينهن جو وقت ڏئي رهيو آهي ته هو اتفاق راءِ جي تجويز پيش ڪري.
Source link

آبنائي هرمز مان بارودي سرنگ هٽائڻ ۾ 6 مهينا لڳي سگهن ٿا: پينٽاگون
Leave a Comment Leave a Comment

