اسلام آباد:
وفاقي حڪومت استعمال ٿيل گاڏين جي درآمد تي لاڳو ٽيڪس گهٽائڻ ۽ عمر جي حد ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي پر ٻارن جي تعليمي ضرورتن سان لاڳاپيل شين تي سيلز ٽيڪس ختم ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف کان منظوري نه ملي سگهي آهي.
سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ڪامرس سيڪريٽري جواد پال ٻڌايو ته آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدن تحت جولاءِ کان پنج سال پراڻي گاڏين جي درآمد تي پابندي ختم ڪئي ويندي، گاڏيون ماحولياتي معيار تي پورو لهن ٿيون، اضافي ريگيوليٽري ڊيوٽي به 40 سيڪڙو کان گهٽائي 30 سيڪڙو ڪئي ويندي.
هن چيو ته استعمال ٿيل گاڏين جي درآمد تي پابندين ۾ مرحليوار نرمي آءِ ايم ايف جي شرطن جو حصو آهي، جنهن جو مقصد پرڏيهي وڪرو ڪندڙن کي برابر موقعا فراهم ڪرڻ آهي.
ٻئي طرف سينيٽ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڊائريڪٽر جنرل ٽيڪس پاليسي آفيس ڊاڪٽر نجيب ميمڻ انڪشاف ڪيو ته آءِ ايم ايف پاران تعليم جي شعبي لاءِ ڪنهن به قسم جي ٽيڪس ڇوٽ جي مخالفت ڪئي وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف پينسلن، شارپنرز، ڪاپين ۽ ٻين اسٽيشنري شين تي سيلز ٽيڪس ختم ڪرڻ جي تجويز رد ڪري ڇڏي. ياد رهي ته گذريل بجيٽ ۾ انهن شين تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو هو، جنهن سبب انهن جي قيمتن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو هو.
هوڏانهن ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب مشروبات جي صنعت کي ڪنهن به قسم جي ٽيڪس رعايت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
هن برآمد ڪندڙن لاءِ وڌيڪ ٽيڪس رليف جي تجويز کي به رد ڪيو ۽ چيو ته حڪومت اڳ ۾ ئي ايڊوانس انڪم ٽيڪس ۾ گهٽتائي، سپر ٽيڪس جي خاتمي ۽ گهٽ شرح سود جهڙيون سهولتون فراهم ڪري چڪي آهي.
نيشنل ٽيرف پاليسي جي حوالي سان واپار واري سيڪريٽري چيو ته حڪومت ايندڙ مالي سال ۾ سراسري درآمدي ٽيرف کي گهٽائي 13.77 سيڪڙو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، جيڪو گذريل سال 16.56 سيڪڙو هو.
ان دوران قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ڪسٽم ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن تحت اسپيشل جج کي مني لانڊرنگ يا غير قانوني مالياتي منتقلي جي ڪيسن ۾ جوابدارن جا اثاثا منجمد ڪرڻ جو اختيار هوندو.


