اسلام آباد:
اٽڪ ريفائنري لميٽيڊ پنهنجي مکيه کروڊ ڊسٽليشن يونٽ جي پيداوار کي عارضي طور تي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
جاري ڪيل پڌرائي موجب پرڏيهي وفدن جي اسلام آباد آمد سبب ٽريفڪ بندش سبب آئل ٽينڪرز جي ٽريفڪ سخت متاثر ٿي رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ خام تيل جي جمع ۽ شين جي ترسيل متاثر ٿي رهي آهي.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته روڊن جي بندش سبب خام تيل جي وصولي ۾ نمايان گهٽتائي ٿي آهي، جڏهن ته موٽر اسپرٽ ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي ذخيرن ۾ به نمايان اضافو ٿيو آهي.
اٽڪ ريفائنري موجب 32 هزار 400 بيرل في ڏينهن جي گنجائش وارو مين کروڊ ڊسٽليشن يونٽ پيداواري مشڪلاتن سبب بند ڪيو ويو آهي ۽ اهو يونٽ ٽريفڪ جي پابنديون بهتر ٿيڻ تائين بند رهندو.
اٽڪ ريفائنري لميٽيڊ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج کي به ان صورتحال کان آگاهه ڪيو آهي.


