ڪراچي:
عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن ۾ گهٽتائي سبب مقامي ڪرنسي مارڪيٽن ۾ سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ به گهٽتائي ٿي آهي.
سون ۽ چاندي جي عالمي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اثر مقامي مارڪيٽن تي به پئجي رهيو آهي. عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جو في تولو اگهه 4 ڊالر گهٽجي 4 هزار 713 ڊالر ٿي ويو، مقامي صرافه مارڪيٽ ۾ اڄ سون جو في تولو اگهه 400 رپيا گهٽتائي سان 4 لک 93 هزار 662 رپيا ٿي ويو.
اهڙي طرح ملڪ ۾ سون جي في 10 گرام جو اگهه به 343 رپين جي گهٽتائي سان 4 لک 23 هزار 235 رپيا ٿي ويو آهي.
ان کان علاوه مقامي بلين مارڪيٽن ۾ به قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي جنهن کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ چاندي جو اگهه 12 سينٽ جي گهٽتائي سان 80 ڊالر 29 سينٽ في اونس ٿي ويو آهي.
مقامي بلين مارڪيٽن ۾ چاندي جو في تولو اگهه 12 رپين جي گهٽتائي سان 8 هزار 513 رپيا ۽ في 10 گرام چاندي جو اگهه 10 رپين جي گهٽتائي سان 7 هزار 298 رپيا ٿي ويو.


