روسي صدر يوڪرين سان جنگ جي خاتمي جو اشارو ڏنو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ماسڪو:

روسي صدر ولاديمير پيوٽن اشارو ڏنو آهي ته يوڪرين تڪرار هاڻي پنهنجي منطقي انجام ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ جنگ جي خاتمي جو امڪان ظاهر ٿي رهيو آهي.

ماسڪو ۾ ڳالهائيندي صدر پيوٽن چيو ته کيس يقين آهي ته يوڪرين تڪرار ڪنهن نتيجي ڏانهن وڌي رهيو آهي، هو ڳالهين ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي آمريڪا جو شڪر گذار آهي.

هن چيو ته هاڻي اهو معاملو رڳو روس ۽ يوڪرين وچ ۾ رهجي ويو آهي.

روسي صدر موجب رابرٽ فيڪو کيس ٻڌايو آهي ته يوڪرين جو صدر وولوديمير زيلنسڪي آماده ملاقات لاءِ تيار آهي پر هو زيلنسڪي سان رڳو پائيدار امن معاهدو ٿيڻ کانپوءِ ئي ملاقات ڪري سگهي ٿو.

ايران سان جاري ڇڪتاڻ تي خيالن جو اظهار ڪندي ولاديمير پيوٽن اميد ظاهر ڪئي ته ايراني تڪرار جلد ختم ٿي ويندو.

هن وڌيڪ چيو ته روس چين سان تيل ۽ گئس جي شعبن ۾ اهم معاهدو ڪري چڪو آهي، جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيڻ جي اميد آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment