ملڪ ۾ ايڊز جي مريضن جو انگ 84 هزار آهي، 61 هزار علاج هيٺ آهن

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


اسلام آباد:

ملڪ ۾ ايڊز جي رجسٽرڊ ڪيسن جو انگ 84 هزار آهي، جن مان 61 هزار ماڻهو علاج هيٺ آهن، باقي مريضن جو پتو نه پئجي سگهيو آهي.

65 ملين ڊالرن جي ايڊز پروگرام مان 61.1 ملين ڊالر UNDP ۽ NGO Nai Zindagi کي جاري ڪيا ويا.

اهڙن خيالن جو اظهار صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته 2020ع ۾ سڄي ملڪ جي 49 سينٽرن تي 37 هزار 944 شهرين جي اسڪريننگ ڪئي وئي جنهن مان 6 هزار 910 ڪيس مثبت آيا.

2025ع ۾ ٽيسٽنگ سينٽرن جو انگ 97 ٿي ويو، جڏهن ته 374 هزار 126 ٽيسٽ ڪيا ويا ۽ 14 هزار 182 ڪيس پازيٽو آيا.

هن چيو ته ايڊز قابل علاج آهي ۽ ان جون دوائون سرڪاري مرڪزن تي مفت دستياب آهن.

هن چيو ته ملڪ ۾ 10 سي سي سرنج تي پابندي لڳندي، جيڪا سرنج هڪ ڀيرو استعمال ٿيندي اها ٻيهر استعمال نه ٿيندي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment