ٽرمپ جي بيانن جي نتيجي ۾ يورپي عوام آمريڪا کي چين کان به وڏو خطرو قرار ڏئي ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


يورپ ۾ ٿيل هڪ تازي سروي ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ جي يورپ مخالف بيانن کانپوءِ يورپي عوام جي نظرين ۾ نمايان تبديلي آئي آهي، جتي هڪ وڏو انگ هاڻي آمريڪا کي چين کان به وڏو خطرو سمجهي ٿو.

رپورٽ موجب جرمني سميت 6 يورپي ملڪن ۾ ڪيل ان سروي ۾ ڪل 36 سيڪڙو ماڻهن آمريڪا کي وڏو خطرو قرار ڏنو جڏهن ته 29 سيڪڙو ماڻهن چين کي خطرو قرار ڏنو.

هن يوروپلس سروي ۾ يورپ جي مختلف ملڪن جا نتيجا پڻ پڌرا ڪيا ويا. اسپين ۾ 51 سيڪڙو ماڻهن آمريڪا کي خطرو سمجهيو، جڏهن ته اٽلي ۾ اها شرح 46 سيڪڙو هئي. اهڙي طرح بيلجيم ۾ 42 سيڪڙو ۽ جرمني ۾ 30 سيڪڙو ماڻهن آمريڪا کي وڌيڪ خطرناڪ قرار ڏنو.

ٻئي طرف فرانس ۾ راءِ ڪجهه مختلف هئي، جتي 37 سيڪڙو آمريڪا ۽ 43 سيڪڙو چين کي سڀ کان وڏو خطرو قرار ڏنو. پولينڊ ۾، صرف 13 سيڪڙو ماڻهن آمريڪا کي خطرو سمجهيو، جڏهن ته 37 سيڪڙو چين کي وڏو خطرو قرار ڏنو.

ماهرن موجب نتيجن مان ظاهر ٿئي ٿو ته يورپ ۾ عالمي طاقتن بابت عوامي راءِ تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي ۽ ان ۾ سياسي بيان بازي، پرڏيهي پاليسي ۽ عالمي ڇڪتاڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment