اسٽريٽ چائلڊ فٽبال ورلڊ ڪپ؛ پاڪستاني ٽيم سڀاڻي ميڪسيڪو روانو ٿيندي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



پاڪستان اسٽريٽ چائلڊ فٽبال ٽيم جمعي تي ميڪسيڪو روانو ٿي رهي آهي، جتي 5 کان 15 مئي تائين 30 ملڪن وچ ۾ کيڏيو ويندڙ اسٽريٽ چائلڊ ورلڊ ڪپ 2026ع ٽورنامينٽ ۾ شرڪت ڪندي، ٽورنامينٽ ۾ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جا مختلف ايونٽ ٿيندا، ٽورنامينٽ نوجوانن جي اڳواڻي ۾ هلندڙ اسٽريٽ چلڊرن جي حقن، تحفظ ۽ عالمي سطح تي سڃاڻپ لاءِ هلندڙ تحريڪ آهي. راندين ذريعي تعليم ۽ سماجي تبديليءَ لاءِ وقف ڪندڙ تنظيم مسلم هينڊ جي تحت ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪندڙ پاڪستاني ٽيم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ به شرڪت ڪندي. ياد رهي ته قطر ۾ ٿيندڙ اسٽريٽ چائلڊ فٽبال ورلڊ ڪپ فٽبال ٽورنامينٽ 2022 ۾ پاڪستاني ٽيم ٻي پوزيشن حاصل ڪري سلور ميڊل کٽي ورتو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment