سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪلفٽن جي تاريخي عمارت جي اڏاوت خلاف درخواست داخل

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڪراچي:

ڪلفٽن ۾ تاريخي ورثو قرار ڏنل عمارت تي هلندڙ تعميراتي ڪم خلاف ڀرپاسي جي رهواسين سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته عمارت تي هلندڙ تعميراتي سرگرميون فوري طور بند ڪري ان جي تاريخي سڃاڻپ جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.

درخواستگذارن موقف اختيار ڪيو ته ڄاڻايل عمارت ورثي (تاريخي) عمارت آهي ۽ ان تي ڪنهن به قسم جي اڏاوت يا ڦيرڦار صرف لاڳاپيل اختيارين جي اجازت ۽ نگراني سان ٿي سگهي ٿي.

عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته لاڳاپيل ادارن کانسواءِ ڪنهن به ڌر کي تاريخي عمارت تي تعميراتي ڪم ڪرائڻ جو اختيار ناهي.

درخواست ۾ سنڌ جي ثقافت کاتي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، لاڳاپيل اختيارين ۽ مقامي ايس ايڇ او کي ڌر بڻايو ويو آهي.

درخواستگذارن عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته فوري طور تي لاڳاپيل ادارن ۽ پوليس اختيارين کي تعميراتي ڪم روڪڻ جا حڪم جاري ڪيا وڃن.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته تاريخي عمارت جي اصل سڃاڻپ ۽ ورثي واري حيثيت کي بچائڻ لاءِ عدالتي مداخلت ضروري آهي، ان ڪري عدالت لاڳاپيل اختيارين کي فوري قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪري.





Source link

Share This Article
Leave a Comment