فيفا ورلڊ ڪپ: ڏکڻ ڪوريا چيڪ ريپبلڪ کي سنسني خیز مقابلي ۾ شڪست ڏئي ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ورلڊ ڪپ جي افتتاحي ميچ ۾ ڏکڻ ڪوريا چيڪ ريپبلڪ کي دلچسپ مقابلي کانپوءِ شڪست ڏئي ڇڏي.

ميچ ۾ ڏکڻ ڪوريا شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي چيڪ ريپبلڪ کي 1-2 تان شڪست ڏني.

سڄي مقابلي دوران ڏکڻ ڪوريا راند تي پنهنجي گرفت برقرار رکي ۽ ڪيترائي چانس ٺاهيا پر چيڪ گول ڪيپر ميٽيج ڪوار پنهنجي ٽيم کي ميچ ۾ برقرار رکڻ لاءِ ڪيترائي اهم بچاءُ ڪيا.

ڏکڻ ڪوريا جي شاندار ڪارڪردگي باوجود ميچ جو پهريون گول 59 هين منٽ ۾ چيڪ ريپبلڪ جي لاديسلاف ڪريجيڪي لانگ تھرو تي ڪيو.

برتري حاصل ڪرڻ باوجود چيڪ ٽيم دٻاءُ ۾ رهي ۽ 67 هين منٽ ۾ ڏکڻ ڪوريا برابري ڪري ڇڏي.

چيڪ ٽيم 77 هين منٽ ۾ هڪ ٻيو گول ڪيو پر ٽامس سوچيڪ جي ڪوشش آف سائڊ ٿي وئي.

صرف ٽن منٽن بعد، ڏکڻ ڪوريا جي متبادل Oh Hyungyu فيصلو ڪندڙ گول ڪري پنهنجي ٽيم کي 1-2 جي يادگار فتح ڏياري.

ان فتح کانپوءِ ڏکڻ ڪوريا ٽن پوائنٽن سان گروپ اي ۾ گڏيل ٽاپ تي آهي، جتي گڏيل ميزبان ميڪسيڪو به ڏکڻ آفريڪا کي 0-2 تان شڪست ڏئي ٽي پوائنٽس حاصل ڪري ورتو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment