رياست مني پور ۾ ڇڪتاڻ جي نئين لهر، مودي حڪومت صورتحال تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام ٿي وئي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


مودي جي نااهلي سبب مني پور ۾ فساد هر روز نئون ۽ خطرناڪ رخ اختيار ڪري رهيا آهن.

ڀارت جي پنهنجي اخبار ”انڊيا نيوز نيٽ ورڪ“ مني پور ۾ شهرين جي قتل عام کي منظر عام تي آندو. مني پور ۾ هڪ مهينو اڳ هٿياربندن اغوا ڪيل ناگا قبيلي سان تعلق رکندڙ 6 ماڻهن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن.

انڊيا نيوز نيٽ ورڪ موجب مني پور ۾ نسلي فسادن ۾ اضافو ٿي ويو آهي لاش ملڻ کانپوءِ.

ڀارتي اخبار دي هندو موجب واقعي کانپوءِ ناگا تنظيم هڙتال جو سڏ ڏنو ۽ مني پور جي نائب وڏي وزير کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو.

فيبروري کان جاري فسادن ۾ لڳ ڀڳ 260 ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ 60 هزار کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن.

ماهرن موجب مني پور ۾ مهينن کان جاري فسادن مودي جي نااهلي ۽ حڪومت جي انتظامي گرفت بابت سنگين سوال اٿاريا آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment