آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ دوران پاڪستان کي موثر ۽ قابل اعتماد ثالث قرار ڏنو پيو وڃي.
ترڪ ميڊيا ٽي آر ٽي پنهنجي رپورٽ ۾ پاڪستان جي سفارتي ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته اسلام آباد خاموش پر اثرائتي سفارتڪاري ذريعي ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ٽي آر ٽي جي رپورٽ موجب، خطي جي ٻين طاقتن جي برعڪس، پاڪستان اشتعال انگيز بيانن تي خاموش، منظم ۽ پٺڀرائي واري سفارتڪاري کي ترجيح ڏني.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير جي سفارتڪاري عوام کان پري ۽ عملي رابطن تي ٻڌل هئي، جنهن سبب آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ رابطا ڏکين حالتن ۾ به جاري رهي سگهيا.
ترڪ ميڊيا موجب پاڪستان جي جاگرافيائي اهميت، فوجي ۽ انٽيليجنس ساک ۽ مختلف عالمي ۽ علائقائي طاقتن سان متوازن لاڳاپن پاڪستان کي منفرد سفارتي مقام ڏنو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان هڪ ئي وقت قطر، ترڪي، سعودي عرب، چين ۽ ايران سان فعال سفارتي لاڳاپا برقرار رکيا، جنهن جي ڪري پاڪستان خطي ۾ ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري سگهيو.
ٽي آر ٽي وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ دفاعي تعاون ۽ معاهدن پاڪستان جي علائقائي ساک کي به مضبوط ڪيو آهي.
رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو ته فيلڊ مارشل عاصم منير پاڪستان جي اولهندي سرحدن تي دهشتگردي خلاف مضبوط ۽ واضح موقف اختيار ڪيو جنهن پاڪستان جي سيڪيورٽي پاليسي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو.
ترڪ ميڊيا موجب پاڪستان وچ اوڀر ۾ موجوده ڇڪتاڻ ۾ قابل قبول ثالث بڻجي سامهون آيو آهي پر ان اثر کي برقرار رکڻ لاءِ پاڪستان کي معاشي چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو.
واضح رهي ته ان کان اڳ آمريڪي، ايراني، سعودي، قطري ۽ ترڪي جا عهديدار به ايران آمريڪا ڇڪتاڻ ۾ پاڪستان جي سفارتي ڪردار ۽ ثالثي جي ڪوششن جي واکاڻ ڪري چڪا آهن.


