پاڪستان جي اذان علي خان آمريڪا ۾ منعقد پي ايس اي انٽرنيشنل اسڪواش ٽورنامينٽ کٽي ورتي.
رپورٽن مطابق واشنگٽن ڊي سي ۾ جاري اسڪواش آن فائر جونيئر گولڊ چيمپيئن شپ جو بوائز انڊر 19 ايونٽ پاڪستان جي اذان علي خان کٽي ورتو.
پاڪستان آرمي جي اذان علي خان دلچسپ مقابلي کانپوءِ آمريڪا جي جان راڪفيلر کي 1-3 تان شڪست ڏئي فائنل ۾ هڪ گول جي قرباني ڏني.
برٽش جونيئر اوپن چيمپيئن اذان علي خان فتح پاڪستان آرمي ۽ پنهنجي والد ڪوچ آصف خان جي نالي ڪئي.
اذان علي خان پاڪ فوج جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ تي خاص شڪريو ادا ڪيو.


